سپر هاءِ وي تي ٽرڪ موٽر سائيڪل ٽڪر وهائي ڪڍيو، حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن، ريسڪيو ذريعن موجب سپر هاءِ وي تي بحريه ٽائون ويجهو گدرن سان ڀريل ٽرڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ريسڪيو ذريعن موجب فوتين جا لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *