اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪرڪ ۾ تاريخي مندر تي حملي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري ڪي پي پيش ٿيا، سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته مندر جي ڀرسان پوليس چوڪي هجڻ باوجود واقعو ڪيئن پيش آيو؟ انٽيليجنس ايجنسيز ڇا ڪري رهيون هيون، چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته هن واقعي سان دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿي آهي، اهلڪارن جي معطلي ڪافي نه آهي، عدالت چيو ته مندر جي اڏاوت لاءِ مولوي شريف کان پئسا اوڳاڙيا وڃن، جيستائين کيسن مان پئسا نه نڪرندا، هي ماڻهو ائين ڪندا رهندا

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *