اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سينيٽ اليڪشن اوپن بيليٽ ذريعي ڪرائڻ بابت ريفرنس تي وفاقي سرڪار، چئني صوبن جي اي جيز ۽ صوبائي اسيمبليز جي اسپيڪرز کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 5 رُڪني بئنچ طرفان صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل پيش، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته آئين يا قانون ۾ ترميم جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي، سينيٽرز اصل ۾ صوبن جي نمائندگي ڪندا آهن، عدالت هن تضاد ۾ ڇو اچي؟ اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته حڪومت آئين جي آرٽيڪل 226 جي تشريح لاءِ ريفرنس داخل ڪيو آهي، چيف جسٽس چيو ته هن ڪيس ۾ عدالتي معاون به مقرر ڪريون ٿا، ريفرنس تي ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *