اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  سپريم ڪورٽ جي راءِ اچڻ کانپوءِ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس ختم ٿي ويو، بيلٽ پيپر جي جاچ پڙتال لاءِ اليڪشن ڪميشن مڪينزم جوڙڻو پوندو، اڳوڻي اٽارني جنرل ۽ پ پ اڳواڻ لطيف کوسه چيو آهي ته پنجاب ۾ بنا مقابلي سينيٽرز جي چونڊجڻ ۾ آصف زرداري جو به اهم ڪردار آهي، پرويز الاهي، آصف زرداري سان ربطي بعد پنجاب ۾ ڪردار ادا ڪيو، سنييٽ چونڊن ۾ متحده پاڪستان، ق ليگ ۽ سرائيڪي بيلٽ جا ميمبرز يوسف رضا گيلاني کي ووٽ ڏيندا، جِن کي مستقبل ۾ سياست ڪرڻي آهي، اُهي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سان ڳنڍجي ويندا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *