سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي، او ايم جي ( آفيس مينيجمينٽ سروس گروپ) ڪامورن جون ڊيپوٽيشن تي 18هين کان 20هين گريڊ تائين مقرريون ٿيل! خوراڪ، صحت، تعليم، ڪوآرڊينيشن، مڪاني ادارن، انڊسٽريز، ناڻي کاتي ۽ فشريز کاتن ۾ سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽرين، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن وارن عهدن تي ڪوٽا نه هجڻ باوجود او ايم جي ڪامورا ويٺل، چيف سيڪريٽري وٽ شڪايتن باوجود ڊيپوٽيشن تي مقررين وارو سلسلو  رڪجي نه سگھيو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي ڪيڊر شيڊيول ۾ او ايم جي ڪامورن جي ڪوٽا مختص ٿيل نه هجڻ باوجود سنڌ سرڪار مختلف جواز ڄاڻائي اهم عهدن تي او ايم جي ڪامورن کي ويهاري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب تازو سنڌ حڪومت پاران 20 هين گريڊ جي او ايم جي آفيسر عبدالهادي بلو جون خدمتون به وفاقي سرڪار کان ورتيون ويون آهن، جنهن کي اقليتي معاملن واري کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. 20هين گريڊ جو رياض الدين قريشي صنعتن واري کاتي ۾ سيڪريٽري ۽ لئيق احمد وري ڪي ايم سي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيل آهن، 18هين گريڊ جو نويد جوڻيجو مڪاني ادارن واري کاتي ۾ 18هين گريڊ جو رشيد بروهي شهيد بينظير هيومن ريسورس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، ظهير الدين بابر ناڻي کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ 18هين گريڊ جو اسد اسحاق فشريز کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيل آهي. 18هين گريڊ ۾ صحت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور مقرر ٿيل ڊاڪٽر منصور وساڻ، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالحفيظ مهيسر، ڪوآرڊينيشن کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري اڪرم ڀٽو، خوراڪ کاتي سکر  جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افضل شر ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي جي 19هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري امتياز ڀٽي جو تعلق آفيس مينيجمينٽ سروس (او ايم جي) گروپ سان آهي، ذريعن موجب  سنڌ جي صوبائي سروسز ۾ او ماي جي ڪامورن جي مقرري واري ڪوٽا به ناهي، انهي باوجود اهي ڊيپوٽيشن جي بنيادتي اهم عهدن تي ويٺل آهن. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس ڪامورن پاران چيف سيڪريٽري وٽ شڪايتون به ڪيون ويون آهن پر  پوءِ  به اهي ڪامورا هٽجي نه سگھيا آهن .

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *