اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)40 ته پري جي ڳالهه، اسٽيل ملز ۾ 5 آفيسرز کي به رهڻ نه ڏينداسين، سپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي سمورن آفيسرز کي برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران وفاقي وزير اسد عمر، محمد ميان سومرو ۽ نجڪاري کاتي جو سيڪريٽري پيش، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسٽيل ملز بند آهي ته ملازمن کي ڇا جا پئسا ڏيون؟ سي اي او جي گهر جو گهيراءُ آهي ته اها حڪومتي رٽ جي ناڪامي هوندي، چيف جسٽس رٿابندي ۽ نجڪاري کاتي جي سيڪريٽريز کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان کي تڪليف نٿي ڏئي ته ملڪ جو پئسو ڪيڏانهن پيو وڃي؟ توهان اسٽيل ملز هلائڻ جي اهل نه آهيو ته ڪنهن ٻئي کي اچڻ ڏيو، توهان تماشو بڻائي رکيو آهي، اسٽيل ملز سان گڏ ڪراچي شپ يارڊ، هيوي مڪينڪل ۽ پي آءِ اي به بند پيل آهن، عدالت اسٽيل ملز کي هلائڻ لاءِ لکت ۾ جامع پلان طلب ڪري ورتو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *