راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن ڪري ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ دهشتگردي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب وزيرستان جي علائقي نرگوسا ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلا ع تي ڪارروائي ڪئي ته پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ دهشتگردن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ عثمان علي ۽ وحيد طور ٿي آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته عثمان علي ۽ وحيد پابندي پڙهيل تنظيم جا سرگرم ڪارڪن هئا جيڪي بم ٺاهڻ جا ماهر ۽ ٻين نوجوانن کي دهشتگردي جي تربيت ڏيندا هئا، مارجي ويل دهشتگرد مختلف سماج دشمن وارين سرگرمين ۾ به ملوث هئا جن جا ثبوط به مليا آهن. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد عثمان 14 آڪٽوبر 2020 تي سيڪيورٽي فورسز تي ٿيل حملي ۾ ملوث هو جنهن ۾ ڪيپٽن عمر چيمه، ٻه جي سي اوز ۽ 3 سپاهي شهيد جڏهن ته 4 سپاهي زخمي ٿيا هئا…..

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *