سيوھڻ ۾ قلندر جي درگاھ بند رکڻ خلاف 38 تي به علامتي بک ھڙتال جو سلسلو جاري.خبر موجب ڪورونا وائرس قلندر شھباز جي بند پيل درگاھ کي اڃا تائين کولڻ جو فيصلو ٿي نه سگھيو آھي جنھن ڪري بک ۽ بدحالي واري صورتحال سبب سيوھڻ جا شھري ۽ دوڪاندار گذريل ھڪ مھيني کان سراپا احتجاج بڻيل آھن سيوھڻ جدوجھد ڪميٽي پاران سيوھڻ ۾ 38 ڏينھن تي به قلندر جي درگاھ سميت ٻيون درگاھون بند ھجڻ خلاف درگاھ قلندر جي گولڊن گيٽ ٻاھران احتجاج جو سلسلو جاري رکندي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانھيندي اڪبر ملاح.اصغر ڪوريجو.صفدر حسين نجفي. محبوب چانڊيو. محمد بخش رند. سيد عاشق حسين شاھ ڪاظمي. احسان رند. خالد جتوئي ۽ ٻين چيو ته درگاھ قلندر ٻن مھينن کان مسلسل بند ھجڻ ۽ زائرين جي آمد نه ٿيڻ ڪري سيوھڻ جا شھري پورھيت دوڪاندار ۽ ڪاروباري طبقو بک بدحالي جو شڪار ٿي ويو آھي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *