اسلام آباد  سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي ڪاميابي خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هارايل اُميدوار يوسف رضا گيلاني جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته يوسف رضا گيلاني جي نالي تي مهر لڳي پر مهر اُنهي خاني اندر ئي هئي، چيف جسٽس اطهر من الله پڇيو ته سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ڪهڙي قانون تحت ٿي؟ فاروق ايڇ نائڪ چيو ته چيو ته آئين جي آرٽيڪل 60 تحت چونڊون ٿيون، سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪوبه ڪردار ناهي، چيف جسٽس پڇُيو ته ڇا پارليامينٽ جي اندروني ڪارروائي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو، فاروق نائڪ جو چوڻ هو ته پروسيجر ۾ ڪا بي ضابطگي هجي ته اُن کي عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي، اسان هتي پروسيجر نه پر اليڪشن کي چئلينج ڪيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن عدالت ۾ چئلينج ٿي آهي..

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *