ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سينيٽ چونڊن ۾ حڪمران جماعت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ پي ڊي ايم قيادت ۾ رابطا تيز، اڳوڻي صدر آصف زرداري  ۽ نواز شريف وچ ۾ به فون تي رابطو ٿيو، مختلف آپشنز تي صلاح مشورا ڪيا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ استعيفائن جي آپشن تي راضي ٿي وئي آهي، پي ڊي ايم طرفان استعيفائن ۽ بي  اعتمادي رٿ جي آپشنز تي  سينيٽ  چونڊن بعد مشورا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *