ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جون تاريخي ۽ غيرمعمولي چونڊون سڀاڻي ٿي رهيون آهن، سپريم ڪورٽ جي راءِ موجب سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ بدران ڳجهي ووٽنگ ذريعي ڪرايون وينديون، سڀني جون نظرون حفيظ شيخ ۽ يوسف رضا گيلاني وچ ۾ مقابلي جون منتظر، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي جي 37 سيٽس تي سڀاڻي پولنگ ٿيندي، پنجاب ۾ 11 اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيل، سينيٽ چونڊن دوران پي ٽي آءِ سنڌ ڏڦيڙ جو شڪار، پي ٽي آءِ ايم پي اي شهريار شر، اسلم ابڙو ۽ ڪريم گبول طرفان سينيٽ چونڊن ۾ پارٽي کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *