اسلام آباد (ويب رپورٽ) سينيٽ جَي 37 سيٽن تي قومي ۽ صوبائي اسيمبليز ۾ ڳجهي ووٽنگ ذريعي پولنگ جاري، قومي اسيمبلي ۾ 100کان وڌيڪ ميمبرز ووٽ ڪاسٽ ڪري ورتا، وزير اعظم عمران خان وفاقي وزيرن سان گڏ قومي اسيمبلي پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ووٽ ڪاسٽ ڪيو، اڳوڻو صدر آصف زرداري به قومي اسيمبلي ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پهتل آهي، اسپيڪر اسد قيصر، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، وفاقي وزير شيخ رشيد، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين ووٽ ڪاسٽ ڪيا، قومي اسيمبلي جي اسلام آباد جي 2، خيبرپختونخواهه جي 12، سنڌ جي 11 ۽ بلوچستان جِي 12 سيٽن تي پولنگ شام پنجين وڳي تائين جاري رهندي، پنجاب جي سمورن 11 سيٽس تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، يوسف رضا گيلاني جي پولنگ ايجنٽ پولنگ عمل تي اعتراض اٿاري ڇڏيا، لائيٽ ٺيڪ ڪرڻ بهاني ووٽ چيڪ ڪرڻ جو الزام هنيو ويو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *