سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي سيٽ تي به حڪومتي اميدوار ميدان ماري ورتو آهي، پي ٽي آءِ اميدوار مرزا محمد آفريدي 54 ووٽ کڻي پي ڊي ايم اميدوار مولانا عبدالغفور حيدري کي شڪست ڏئي ڇڏي،ڊپٽي چيئرمين جي عهدي تي ٽوٽل 98 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جنهن مان حڪومتي اميدوار مرزا محمد آفريدي کي 54 ووٽ مليا، جڏهن ته غفور حيدري 44 ووٽ کڻي سگهيو، ڊپٽي سينيٽ چيئرمين جي عهدي تي ڪو به ووٽ رد نه ٿيو، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪامياب اميدوار مرزا محمد آفريدي کي حلف کڻايو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *