اسلام آباد/ڪراچي (رپورٽ: ايم بي سومرو+ فقير سليم) سينيٽ اليڪشن لاءِ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف، مخالف ڌر جي پارٽين نواز ليگ، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو، شبلي فراز، حفيظ شيخ، فيصل واوڊا، گيلاني، شيري رحمان، پرويز رشيد، غفور حيدري سينيٽ اليڪشن لاءِ اميدوار نامزد ڪيا ويا. تفصيل موجب پيپلزپارٽي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ سينيٽ جي 12 سيٽن تي پنهنجا 13 اميدوار بيهارڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو،  سنڌ۾  پراسيڪيوٽر جنرل رهندڙ شهادت اعواڻ کي سنڌ ۾ جنرل سيٽ کانسواءِ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي پڻ اميدوار نامزد ڪيو ويو، بلاول هائوس جي ميڊيا سيل جي انچارج ۽ ايم پي اي سريندر ولاسائي پاران جاري ڪيل لسٽ موجب سنڌ جي 7 مان 5 جنرل سيٽن تي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، اڳوڻي سينيٽر تاج حيدر، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊي والا، سينيٽر شيري رحمان ۽ شهادت اعواڻ کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 2 ٽيڪنوڪريٽ سيٽن تي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين فاروق ايڇ نائڪ، شهادت اعواڻ ۽  اڳوڻي سينيٽر ڪريم خواجا کي نامزد ڪيو ويو آهي، ساڳئي ريت عورتن جي 2 مخصوص سيٽن تي تازو پنجاب جي ضلعي چڪوال مان ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾  پنهنجو ووٽ منتقل ڪرائيندڙ اڳوڻي ايم اين اي پلوشه خان، اڳوڻي ايم پي اي خيرالنساءِ مغل ۽ سندن ڪورنگ طور رخسانا شاهه کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي، پنجاب جي 7 جنرل سيٽن تي پ پ پاران رڳو اڪيلو عظيم الحق منهاس اميدوار هوندو، اسلام آباد جي سينيٽ سيٽ تي پ پ پاران اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار نامزد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، ساڳئي ريت ڪي پي ڪي ۾ وري جنرل سيٽ تي فرحت الله بابر کي پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار نامزد ڪرڻ  جي تجويز ڏني وئي آهي.  مسلم ليگ (نواز) سينيٽ جي چونڊ ۾ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه مسلم ليگ (نواز) جي پارلياماني بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اميدوارن  جي نالن کي حتمي صورت باضابطا طور تي اميدوارن جي نالن جو اعلان  ڪيو ويو، مسلم ليگ (نواز) پنجاب صوبي مان جنرل سيٽ تي پرويز رشيد، مشاهد الله خان ۽ پروفيسر ساجد مير کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي اعظم نذير تارڙ ايڊووڪيٽ ۽ عورتن جي سيٽ تي سعديه عباسي کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. مسلم ليگ (نواز) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته خيبر پختونخوا صوبي بابت صوبائي تنظيم سينيٽ جي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ بابت فيصلو ڪندي. جي يو آءِ پاران سينيٽ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو، جي يو آءِ جي ترجمان مطابق جي يو آءِ پاران خيبر پختونخوا صوبي جي جنرل سيٽن لاءِ مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ مولانا عطاءُ الرحمان ۽ طارق خٽڪ کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي، ڪي پي ڪي صوبي جي ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي زبير علي ۽ عورتن جي سيٽ تي نعيمه ڪشور، اقليتي سيٽ تي رنجيت سنگهه کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي، جي يو آءِ پاران بلوچستان صوبي جي جنرل سينيٽ جي سيٽ تي مولانا غفور حيدري ۽ خليل احمد بليدي کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي، ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي ڪامران مرتضيٰ، عورتن جي سيٽ تي آسيه ناصر ۽ بلوچستان جي اقليتي سيٽ تي هيمن داس کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي. حڪمران جماعت پي ٽي آءِ سينيٽ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير فواد چوڌري پاران تصديق ڪندي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف سينيٽ اليڪشن لاءِ اڪثر سيٽن تي پنهنجي اميدوارن جي نالن کي حتمي صورت ڏئي ڇڏي، تحريڪ انصاف اسلام آباد مان حفيظ شيخ ۽ فوزيه ارشد کي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ نالا فائنل ڪيا آهن، پنجاب صوبي مان پي ٽي آءِ جي چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي، ڊاڪٽر زرقا، بيرسٽر علي ظفر پي ٽي آءِ جا اميدوار هوندا، پنجاب جي باقي سيٽن تي نالن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، جڏهن خيبر پختونخوا صوبي مان سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز ۽ محسن عزيز کي ٻيهر سينيٽر چونڊرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته خيبر پختونخوا صوبي مان دوست محمد، ثانيه نشتر ۽ فرزانه کي به ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ مان فيصل واوڊا کي سينيٽر چونڊرائڻ لاءِ ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ مان ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي پي ٽي آءِ سيف الله ابڙو کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙي ريت بلوچستان مان عبدالقادر پي ٽي آءِ جو اميدوار هوندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *