ڪراچي/اسلام آباد  سينيٽ اليڪشن جي اُميدوارن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اُميدوار 15 فيبروري تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 17 ۽ 18 فيبروري تي ٿيندي، ڪراچي، اسلام آباد، پشاور، لاهور ۽ ڪوئيٽا ۾ اُميدوارن طرفان اڄ به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري، ڪراچي ۾ پ پ اُميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ صوبائي اليڪشڻ ڪميشن آفيس پهتل، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ به اُميدوارن سان گڏ موجود آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *