سيالڪوٽ ۾ رٽرننگ آفيسر اين اي 75 تي ننڍي چونڊ لاءِ ٿيل پولنگ جا نتيجا روڪي ڇڏيا، آر او جو چوڻ آهي ته تڪ تي ننڍي چونڊ جي حتمي نتيجن جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي، گذريل رات 23 پولنگ اسٽيشنز جو عملو مبينا طور غائب رهيو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پولنگ جا نتيجا روڪڻ نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جي ڪوشش آهي، نتيجا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي اهڙو عمل مهانگو پوندو، نواز ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ووٽ سان گڏ اليڪشن عملو به چوري ٿي ويو، ڌُنڌ جو جواز ڄاڻائي اين اي 75 جي نتيجن ۾ هٿ ٺوڪي دير ڪرڻ وارو عمل مذمت جوڳو آهي، تڪ تي ننڍي چونڊ دوران سڄو ڏينهن حڪومتي غنڊاگردي ذريعي پولنگ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *