سيالڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 75 تي ننڍي چونڊ دوران پولنگ عملو غائب ۽ پولنگ جَي نتيجن ۾ ڦيرڦار جا انڪشاف، اليڪشن ڪميشن ڊي آر او ۽ آر او کي غير سرڪاري نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اين اي 75 جا نتيجا غير ضروري طور دير سان مليا، آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ۽ ڊي سي سيالڪوٽ سان رابطن باجود پرزائيڊنگ آفيسر جو پتو نه پيو، لڳاتار ڪوششن کانپوءِ پرزائيڊنگ آفيسر صبح 6 وڳي پولنگ بيگز سوڌو حاضر ٿيو، اليڪشن ڪميشن انڪشاف ڪيو آهي ته ڊي آر او ۽ آر او، اين اي 75 جي 20 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجن ۾ ڦيرڦار جا خدشا ظاهر ڪيا آهن، ڊي آر او کي ذميوارن جو پتو لڳائڻ جي هدايت، صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر کي آر او آفيس پهچي رڪارڊ محفوظ ڪرڻ جِي هدايت، هي مامرو انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪمزوري جو نتيجو لڳي ٿو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *