اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سياري جون موڪلون ختم ٿيڻ تي ملڪ ۾ حڪومت طرفان تعليمي ادارا مرحليوار کولڻ جو فيصلو، بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي اجلاس دوران پهرين کان اٺين درجي جا ڪلاسز 20 جنوري کان کولڻ جو فيصلو، سموري ملڪ ۾ يونيورسٽيز پهرين فيبروري کان کولڻ تي اتفاق ڪيوويو، جڏهن ته اجلاس ۾ تعليمي صورتحال بابت مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب اسڪول بند ڪيا ويا آهوفاقي حڪومت سموري ملڪ ۾ تعليمي ادارا 18 جنوري کان مرحليوار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پهرئين کان اٺين درجي جا ڪلاسز 25 جنوري تي کوليا ويندا، بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي اجلاس بعد وفاقي وزير شفقت محمود پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 18 جنوري کان نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين درجي جا تعليمي ادارا کوليا ويندا، 25 جنوري کان پرائمري کان اٺين درجي جا ڪلاسز کولينداسين. هن چيو آهي ته پهرين فيبروري تي يونيورسٽيز سوڌو هاير ايجوڪيشن جا سمورا ادارا کوليا ويندا، مئٽرڪ ۽ انٽر بورڊ جا امتحان مئي ۽ جون ۾ ورتا ويندا. هن چيو آهي ته پهرين فيبروري کان يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل شروع ٿيندو، 11 جنوري کان آن لائن لرننگ ٿي سگهي ٿي، ڪورونا جي صورتحال ۾ ٻارڙن جي صحت پهرين ترجيح رکي. واضح رهي ته تعليمي ادارا ڪورونا وبا جي ڪري نومبر ۾ بند ڪيا ويا هئا، ڊسمبر جي آخري هفتي کان 10 جنوري 2021 تائين تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *