سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اٺين جماعت تائين ڪلاسز بند ڪرڻ جو فيصلو، تعليم کاتي 6 اپريل کان 15 ڏينهن لاءِ ڪلاسز بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ اٺين جماعت تائين ڪلاسز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شاگردن کي آن لائين، هو ورڪ ۽ ٻين ذريعن سان تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ويندو، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته اڱاري تي اين سي او سي جي اجلاس ۾ تعليمي ادارا کُليل رکڻ يا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، امتحانن جي صورتحال تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *