ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۽ بلوچستان مان افريڪا سوڌ وچ اوڀر ۾ منشيات موڪلڻ جو انڪشاف، اسمگلنگ ۾ عالمي اسمگلرز ملوث، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي پوليس طرفان رپورٽ پيش، رپورٽ موجب ٻنهي کنڊن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 ڪروڙ رُپين جي ماليت واري منشيات اسمگلرز ذريعي اُماڻي وئي، يو اي اي ۽ عمان ۾ اوڳاڙيل رقم ريئل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪئي ويندي آهي، ضمانت طور سندن گهرڀاتين کي يرغمال بڻايو ويندو آهي، منشيات جي رقم نه ملڻ تي مغوين تي تشدد ڪيو ويندو ۽ قتل به ڪيو ويندو آهي، نيٽ ورڪ جا ڪردار بلوچستان جي گوادر ۽ ترپت سوڌو سنڌ ۾ ملير ۾ رهن ٿا..

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *