سنڌ ڪابينا برسات متاثرن جِي امداد لاءِ 4 ارب 2 ڪروڙ رُپيا جاري ڪرڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي، برسات متاثرن کي امدادي رقم موبائيل بئنڪنگ ذريعي ڏيڻ لاءِ 3 رُڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ڪميٽي ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، ناڻي ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جا سيڪريٽريز شامل آهن. ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن ۽ چيف سيڪريٽري سوڌو لاڳاپيل سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير روينيو کاتي کي هدايت ڪئي ته برسات متاثرن کي 15 ڏينهن ۾ رقم جي ادائيگي ٿيڻ گهرجي. سنڌڪابينا ٿرپارڪر ضلعي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، اسٽيشن لاءِ 3 ڪروڙ 20 لک رُپيا رکڻ جِي به منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ ڪابينا بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جَي رولز ۾ ترميم ڪري ڇڏي، هاڻي غيرقانوني اڏاوتون ڊاهڻ لاءِ حڪومت بدران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کان اجازت ورتي ويندي. وڏي وزير جي ترجمان موجب سنڌ ڪابينا لوڪل گورنمينٽ بابت قانون ۽ ضابطا اليڪشن ايڪٽ پٽاندڙ ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ خوراڪ کاتي طرفان چيو ويو آهي ته سنڌ ڪابينا فلور ملز کي ڪڻڪ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، جيڪڏهن مل هلائڻ وارا پلي پارگين ڪئي آهي ته ان جي سزا مالڪ کي نه ڏني وڃي. خوراڪ کاتي چيو ته جيڪڏهن مل جو آپريٽر يا هلائڻ وارو تبديل ٿيو آهي ته ان کي ڪڻڪ ڏيڻ گهرجي، جنهن تي ڪابينا نئين پاليسي رد ڪندي چيو ته پلي بارگين واري ملز کي ڪڻڪ نه ڏني ويندي.ترجمان موجب سنڌ ڪابينا سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي جي سيڪشن 2 ۽ 20 ترميم ڪئي آهي، جنهن بعد ايس اي ايس ايس بينظير اسمارڊ ڪارڊ جاري ڪندو، هاڻي سيلف ايمپلائيڊ ايس اي ايس ايس جي بينيفٽ وٺڻ لاءِ پاڻ کي شرڪت ڪري سگهندو.ترجمان موجب ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ پوليس فيملي ڪليم رولز 2020 ۾ ترميم ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، ان رولز ۾ شهيد، فوتي ۽ غازي ڪوٽا پوليس رولز 1934 ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي جيڪا ٻن هفتن ۾ رپورٽ ڏيندي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان شهيدن کي پگهار، پروموشن ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪنداسين.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *