سنڌ هاءِ ڪورٽ درازا شريف ۾ سچل سرمست جي درگاهه وٽ قائم قبرستان سوڌو صوبي ۾ سمورن قبرستانن تان قبضا ڇڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درازا شريف ۾ قبرستان تان قبضو ڇڏائڻ لاءِ رينجرز کان مدد وٺڻ جو حڪم، عدالت ونگ ڪمانڊر شهباز رينجرز ۽ ايس ايس پي خيرپور کي قبرستان تان قبضو ڇڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ قبرستانن تي قبضي واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته قبضن سان گڏ قبرستانن ۾ گٽر جو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، ماڻهن قبرستانن تي قبضا ڪري گهر ۽ دڪان ٺاهي ڇڏيا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *