ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون پي ٽي آءِ سرڪار جي نااهلي جو نتيجو قرار، صوبائي وزير ناصر شاهه وفاقي سرڪار مٿان تنقيد ڪندي چيو آهي ته نااهل ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم جي حڪومت ملڪ کي 70 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو، شروع کان چئي رهيا هئاسين ته ملڪ هلائڻ نااهل حڪمرانن جي وس ۾ نه آهي، کنڊ، ڪڻڪ ۽ پيٽرول کانپوءِ هڪ ٻيو بحران پيدا ڪيو ويو، عوام سليڪٽيڊ حڪمران جو بار کڻي ٿڪجي پيو آهي، گرمين ۾ ته بجلي جو لوڊ هوندو آهي، حڪمران ٻڌائين ته سياري ۾ بريڪ ڊائون ڇو ٿي ويو؟.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *