سنڌ سرڪار وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير علي زيدي وچ ۾ ڏند چڪ وارِي وڊيو پڌري ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو، سُڌ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته وڏي وزير سان علي زيدي جِي بدتميزي واري مڪمل وڊيو موجود آهي، وڊيو وزيراعظم کي ڏيکارينداسين يا پڌري ڪرڻ جو سوچَي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته عوام کي خبر پوَي ته وفاقي وزير وڏي وزير سان ڪهڙي انداز ۾ ڳالهايو هو، وفاقي وزير علي زيدي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته بسم الله ڪريو، اڄ ئي وڊيو وائرل ڪيو، مراد علي شاهه صاحب، مان اوهان کان هر ڪرپشن جو جواب وٺي رهندس

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *