سنڌ حڪومت، پنجاب ۾ ڪڻڪ جو اگهه في مڻ 1800 رپيا مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي آبادگار دشمن قرار ڏئي ڇڏيو، زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته ڪڻڪ جِي قيمت 2 هزار رپيا مقرر نه ٿيڻ تي ملڪ ۾ ٻيهر بحران ٿي سگهي ٿو، آبادگار اڳ ئي معاشي طور بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن، سنڌ حڪومت وفاق کي ڪڻڪ جو في مڻ 2 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جِي سفارش ڪري چڪي آهي، پنجاب حڪومت جو 1800 رپيا في مڻ وارو فيصلو هارين سان دشمني آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *