ڪراچي سنڌ جَي ٽن وڏين اسپتالن جي ڪنٽرول توڙي آفيسرز جي بدلي لاءِ روٽيشن پاليسي تي وفاق ۽ سنڌ اختلاف کُلي سامهون اچي ويا، وڏي وزير جناح، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي کي هلائڻ لاءِ وفاق طرفان بورڊ آف گورنرز جي جوڙجڪ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي قرار، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم پاڻ مڃيو هو ته اسلام آباد ۾ ويهي اسپتالن کي نٿو هلائي سگهجي، اسپتالن جو ڪنٽرول سنڀالڻ وارو طريقيڪار به پورو ناهي ٿيو، روٽيشن پاليسي تحت ڪنهن به صوبي ۾ ڪنهن به آفيسر جي مقرري يا بدلي وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي مشاورت سان ڪئي ويندي، وفاق کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڌيو ته سنڌ ۾ ڪجهه آفيسرز جي ضرورت آهي، اُنهن جون خدمتون واپس نٿيون ڪري سگجهن، گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سپريم ڪورٽ واضح حڪم ڏنو ته ٽن وڏين اسپتالن جو ڪنٽرول وفاق کي ڏنو وڃي، اُن لاءِ اڻ ڌريو بورڊ جوڙي ميمبرز لاءِ صوبي کان به نالا گهريا ويا، روٽيشن پاليسي رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموري پاڪستان لاءِ آهي، کوڙ اهڙا آفيسر آهن، جيڪي 15 سالن کان هڪ صوبي ۾ ٽڪيا پيا آهن، اُنهن پنهنجا معاملا سَيٽ ڪري ورتا آهن، آفيسرز لاءِ روٽيشن پاليسي حتمي ناهي، اُن تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي ته جيئن معاملي صحي نموني هلن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *