حيدرآباد  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪجهه هيڊماستر پنهنجي پيشي سان دغا ڪري رهيا آهن، ٻارن کي پڙهائڻ وقت رستن تي احتجاج پيا ڪن، هيڊ ماسترن سان پوليس جي رويي جي حمايت نه پيو ڪريان، پر هڪ وڪيل جو پوليس سان رويو غيرمناسب هو، ڪنهن ٻئي اداري جي اهلڪار سان ائين ڪري ها ته شايد نه رهي ها، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار طرفان هر قسم جو سهڪار ڪرڻ باوجود هيڊ ماسترن جو احتجاج افسوس جوڳو عمل آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته هيڊ ماسترن کي ڪميشن ٽيسٽ پاس ڪرڻي پوندي، افسوس جو کين ڪاغذ نه ڀرائڻ لاءِ ورغلايو ويو، سنڌ حڪومت هيڊ ماسترين جي ڪميشن ٽيسٽ لاءِ ڪاغذ جمع ڪرائڻ واري تاريخ ۾ به واڌ جي ڪوشش ڪندي، هيڊ ماستر ڪميشن جو امتحان ڏين، پڪ آهي ته پاس ٿي ويندا، هيڊ ماسترن کي احتجاج جو حق آهي،  اِن جو مطلب اهو نه آهي ته مسئلا پيدا ڪيا وڃن، اسان هيڊ ماسترن جا مسئلا حل ڪرڻ گهرون ٿا، هيڊ ماستر امتحان ڏيندا ته انشاءَ الله پاس ٿي ويندا، هاءِ ڪورٽ هيڊ ماسترن کي پڪو ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو، هن  چيو ته وفاق صوبن کي پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ جا 31 ارب رپيا روڪيا ويا آهن، وفاق سنڌ جي معاملن ۾ غيرضروري مداخلت نه ڪري، سنڌ جون 3 وڏيون اسپتالون وفاق تحويل ۾ ورتيون، سنڌ جي اسپتالن جو ڪنٽرول وفاق کي ڏيڻ نه ٿا چاهيون.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *