ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي ۾ هڪ هزار 733 ويڪسينيٽرز جي ڀرتين واري مامري تي سروسز واري سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ 55 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن جي ڀرتي جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ سروسز وارو سيڪريٽري پيش ٿي ڪري رپورٽ جمع ڪرائي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀرتي لاءِ 60 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي آهي، 60 سيڪڙو کان گهٽ نمبر کڻندڙن کي ڀرتي نه ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽيسٽ ۾ هڪ هزار 611 اميدوارن 60 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا، جڏهن ته 3245 اميدوارن 55 ۽ 5568 اميدوارن 50 سيڪڙو نمبر حاصل ڪري سگهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هيلٿ واري ايڊيشنل سيڪريٽري فياض عباسي جي سربراهي ۾ چار رڪني ڪميٽي انڪوائري ڪئي، اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ 60 کان گهٽ اميدوارن کي ڀرتي ناهي ڪيو ويو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ عبدالسلام ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير به لکت واري ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙو نمبر کڻندڙن کي ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. عدالت ڌرين جي وڪيلن کان ٽن هفتن کانپوءِ وڌيڪ دليل طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ڀرتين جي خلاف قادر بخش ۽ ٻين طرفان درخواستون داخل ڪرايون ويون آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *