سنڌ جي صحت کاتي ۾ جعلي ڀرتين وارو معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ صحت کاتي پاران ڪميٽي قائم وئي آهي. ڪميٽي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري صحت رياض احمد جکراڻي چيئرمين، چيف ٽيڪنيڪل آفيسر سڪندر علي ۽ سيڪشن آفيسر فهد علي جاگيراڻي ميمبرن طور شامل هوندا. ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها جعلي ڀرتين واري معاملي تي 5 ڏينهن اندر رپورٽ تيار ڪري پنهنجون سفارشون اماڻي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *