سنڌ جي دارالامانن جي نگراني پارليامينٽرينز حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. دارالامان جي بهتري لاءِ هاڻي عورت ايم پي ايز نگرانن ڪنديون. صوبائي وزير شهلا رضا جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي دارالامان جي نگراني لاء رابيعه اصفر ۽ شازيا جي نالن جي سفارش ڪئي وئي آهي. حيدرآباد جي دارالامان جي نگراني هير سوهو ۽ حنا دستگير کي سونپي ويندي، جڏهن ته سکر دارالامان لاء نصرت سحر عباسي ۽ غزالا سيال جا نالا ڏنا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي دارالامان جي نگراني ندا کهڙو سميت ٻن ايم پي ايز کي سونپي ويندي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *