سنڌ جي تعليم کاتي ۽ اي جي آفيس ۾ 2008ع ۾ ڀرتي ٿيل پرائمري ماسترن کي  ٽائيم اسڪيل جي ادائگي تان اختلاف،  تعيلم کاتي ڪراچي سندن ڀرتي وارن ڏينهن کان ئي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاءِ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي خط لکي ڇڏيو، سنڌ تعليم کاتي 2008ع ۾  آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪري ڀرتي ٿيل اٽڪل 14 هزار استادن جي پهرين ڏينهن کان ئي ملازمت ڳڻيندي کين پهريون ٽائيم اسڪيل 2017ع ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو پر اڪائونٽنٽ جنرل آفيس انهن استادن جا 9 سالن مڪمل نه ٿيڻ جو سبب ڄاڻائي کين هلندڙ سال ۾ رقم جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن بعد تعليم کاتي جي پرائمري اسڪولن واري ڊائريڪٽر  هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ سنڌ جي اڪائونٽنٽ جنرل کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2008ع ۾ آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙن کي انهن جي ڀرتي وارن ڏينهن کان ئي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي  ڪراچي جي ڊائريڪٽر رافعه حليم ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 7500 پرائمري استاد 2008ع ۾ آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪري ڀرتي ٿيا هئا، جن کي 2012ع ۾ مستقل ڪيو ويو، جڏهن کين ريگيولر به ڀرتي ٿيڻ واري ڏينهن کان ڪيو ويو آهي ته کين ٽائيم اسڪيل به انهي حساب سان ڏنو ويندو پر اي جي آفيس جي رڪارڊ مطابق کين 9 سال مڪمل ناهن ٿيا، ٽائيم اسڪيل 9 سالن کانپوءِ ئي ملندو آهي،  جيڪڏهن استادن جي نوڪري 2008ع کان ڳڻي ويندي ته کين  13 سال ٿي ويا آهن، انهي ڪري کين ٽائيم اسڪيل ملڻ گهرجي، انهي لاءِ اسان خط لکي ڇڏيو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *