سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ نيب سان پلي بارگين ڪندڙ آفيسرز خلاف ڪارروائي لاءِ وزيراعظم عمران خان کي خط لکي ڇڏيو، حليم عادل شيخ چيو آهي ته پ پ حڪومت ڪرپٽ آفيسرز ذريعي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعليٰ هائوس، سنڌ پوليس ۽ ناڻي کاتي جي آفيسرز ڪرپشن ثابت ٿيڻ بعد رقم واپس ڪئي، جنهن بعد ساڳيا آفيسرز اهم عهدن تي مقرر ٿي ويا، خط ۾ حليم عادل شيخ طرفان نيب سان پلي بارگين ڪندڙ ۽ ڪرپشن ڪيسز کي منهن ڏيندڙ آفيسرز کي جبري رٽائر ڪري گهر ڀيڙو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.