زين آفندي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس وڌيڪ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن سونار ڪامران کي سون وڪرو ڪيو جنهن کي سندس گرفتار ساٿين جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو ويو. عدالت سونار ڪامران کي ٻه ڏينهن لاءِ جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي ريمانڊ ۾ به واڌ ڪري ڇڏي،جن ۾ در محمد، عمران، فيضان ۽ رحمت الله شامل آهن، پوليس چيو آهي ته جوابدار ڌاڙي دوران ڦرلٽ ڪيل زيور جوابدار ڪامران کي وڪرو ڪيو، جوابدارن مان اهم ثبوت به مليا آهن، عدالت جاچ آفيسر کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. واضح رهي ته زين آفندي کي 6 جنوري تي صبح جي وقت مزار قائد جي ويجهو سندس گهر ۾ قتل ڪيو ويو هو، مقتول زين آفندي سنڌ مدرسته الاسلام جي باني حسن علي آفندي جو پوٽو هو….

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *