زرداري اينڊ ڪمپني کي هر ٽن مهينن کانپوءِ لڳندو آهي ته ايندڙ 3 مهينا اهم آهن، وقت گذري وڃڻ بعد وري نئون بيان اچي ويندو آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته 3 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به توهان جي ڪابه چانس نه آهي، زمانو ۽ وقت گهڻو اڳتي نڪري ويو، توهان گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيو، ڌوڙ ايتري آهي جو توهان کي رستو نٿو ملي، تنهن ڪري ڪاروبار تي ڌيان ڏيو.