ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رينجرز ۽ پوليس ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ رنڊڪون رکي روڊ بند ڪرڻ واري معاملي کان لاتعلقي ظاهر ظاهر ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خانه فرهنگ ايران روڊ کي بند ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران پوليس ۽ رينجرز اختيارين طرفان جواب جمع، ٻڌڻي دوران پوليس جي فوڪل پرسن انڪشاف ڪيو ته سنڌ جي گهرو کاتي طرفان به روڊ کي بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي، ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته خبر پئي آهي ته ايف سي طرفان روڊ کي بند ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي، عدالت ايف سي اختيارين کان جواب طلب ڪندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ڪنهن جي حڪم تي ڪلفٽن ۾ روڊ کي بند ڪيو ويو آهي، رستن تي رنڊڪون سيڪيورٽي خدشن سبب رکي سگهجن ٿيون

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *