سائين جي ايم سيد 17 جنوري 1904 ۾ ان وقت ڪراچي ضلعي ۽ هن وقت ڄامشوري ضلعي جي شهر سن ۾ ڄائو، سندس اصل نالو سيد غلام مرتضي’ شاھ هو، سائين جي ايم سيد سن ۾ ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ۽ 1920 ۾ 16 سالن جي ڄمار ۾ هن سياست ۾ پير رکيو، سائين جي ايم سيد ڪراچي ضلع ڪائونسل جو ميمبر ۽ چيئرمين به رهيو، 1937 ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو ۽ 1938 ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو، 1942 ۾ سنڌ مسلم ليگ جو صدر ٿيو، تڏهن هن اسيمبلي ميمبر جي حيثيت ۾ هندستان جي مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ جو مطالبو ڪيو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي تعليم جو وزير به رهيو، سندس ڪوششن سان سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو قيام پيو، 1970 ۾ آخري ڀيرو اليڪشن وڙهي، جنهن ۾ ڪامياب نه ٿيو، سائين جي ايم سيد ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ هجڻ سان گڏ ڪيترن ئي علمي، ادبي انجمنن جو باني پڻ رهيو. جي ايم سيد جي وفات پ پ حڪومت ۾ نظربندي دوران 25 اپريل 1995 ۾ ٿي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *