ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي  جي سائيٽ ايريا ۾ بابر ڪانٽا ڀرسان ڪيميڪل فيڪٽري کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 پورهيت سڙي زخمي ٿي پيا جڏهن ته ڪيترائي پورهيت ڦاٿل آهن، باهه لڳڻ واري اطلاع تي فائر برگيڊ جون 7 گاڏيون فيڪٽري پهچي ويون جيڪي باهه وسائڻ ۾ رُڌل آهن، فائر برگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته باهه ٽئين درجي جي آهي، جنهن تي جلد ضابطو آندو ويندو، باهه لڳڻ جا ڪارڻ به سامهون نه اچي سگهيا آهن، جنهن جي حوالي سان معلومات ورتي پئي وڃي. جڏهن ته زخمين کي عباسي شهيد ۽ ٻين مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *