راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته دنيا جي ڪا به قوت پاڪستان کي ختم نٿي ڪري سگهي.پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قائد اعظم جي پيدائش جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سڄي قوم قائد اعظم جي پيدائش جو ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ پئي ملهائي.پاڪ فوج جي سربراهه پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته قوم قائد جي اميد، جرئت، ۽ اعتماد جي پيغام تي عمل پيرا آهي، ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط هميشه جا بنيادي اصول رهيا آهن جڏهن ته دنيا جي ڪا به قوت پاڪستان کي ختم نٿي ڪري سگهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *