دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته جيڪڏهن مان چاهيان ته عمران خان جي حڪومت هڪ ڏينهن به هلي نه سگهندي، پر عمران خان جا مون تي تمام گهڻا احسان آهن، جنهن ڪري جند جان ۽ هر شئي ڏيڻ لاءِ عمران خان سان گڏ آهيان. نوشهره ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو آهي ته اپوزيشن هن جي عزت ڪندي آهي، ان جي ڪري هو به اسيبملي ميمرن جو خيال رکندو آهي، کيس سياست ۾ ڪير به دوکو نه ڏيندو. هن چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جا سربراهه ماضي جي حڪومتن ۾ عوام جو پيسو چوري ڪيو ۽ هاڻي پنهنجي چوري تي پردو وجهڻ لاءِ ڪرپٽ ٽولو حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرويز خٽڪ وڌيڪ چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾ شديد اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن ۽ تمام جلد هنن جو هٿرادو اتحاد پنهنجي انجام تي پهچي ويندو، هن چيو آهي ته موجوده مهانگائي جا ذميوار اڳوڻا حڪمران آهن، جن جي غلط پاليسين جي ڪري اڄ پاڪستان قرضن ۾ ٻڏل آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *