دادو پوليس، وحشت جو نشانو بڻيل 3 سالن جِي ٻارڙي ۽ الزام هيٺ آيل جوابدار جا ڊي اين اي لاءِ ورتل سيمپل لمس يونيورسٽي جي ليبارٽري موڪلي ڇڏيا، ڊاڪٽر اڪبر قاضي جو چوڻ آهي ته ليبارٽري جي رپورٽ هفتي اندر اچي ويندي، جنهن بعد وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون، دادو ۾ ٻن ورهين جي معصوم نياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو، جوابدار گرفتار آهي، جنهن ڏوهه جو پڻ اعتراف ڪيو آهي.