خيرپورناٿن شاھه ڳوٺ رضا محمد ڏيرو جِي رهواسڻ عورت مبينا طور ٽن ٻارڙن سوڌو اغوا ٿي وئي.  مغوين ۾ عورت صائمه، سندس ٻارڙا عروج فاطمه،  پرِي ۽ ايان ڏيرو شامل آهي.  وارثن موجب عورت صائمه علاج لاءِ خيرپورناٿن شاھه جِي نجي اسپتال وئي ته کيس ٻارن سوڌو اغوا ڪيو ويو آهي.  پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن رپورٽ داخل ڪرائي آهي، مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *