خيبر پخون خواهه جي وڏي وزير جي ٻن خصوصي معاون سميت ٽن ڄڻن استعيفائون ڏئي ڇڏي، وڏي وزير ڏانهن اماڻيل استعيفيٰ ۾ خاص معاون ضياءُ الله بنگش چيو آهي ته تڪ جون ذميواريون گهڻيون آهن، انهن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان. ڪي پي جي وڏي وزير جي صلاحڪار غزن جمال ۽ خصوصي معاون حمايت الله خان به استعيفائون ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب وڏو وزير محمود خان، غزن جمال ۽ حمايت الله خان جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه هو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *