حڪومت ناڻي واري وفاقي وزير حفيظ شيخ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت جو قلمدان حماد اظهر حوالي ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حفيظ شيخ اڄ به پنهنجي آفيس نه آيو، کيس عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته معاشي پاليسين ۽ اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري جي حوالي سان ڪابينا ۾ تحفظات آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *