حڪومت طرفان عوام لاءِ مهانگائي جو وڌيڪ هڪ تحفو، نيپرا بجلي هڪ رُپيو 53 پئسا مهانگي ڪري ڇڏي، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڊسمبر مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي، بجلي جا نوان اگهه فيبروري کان لاڳو ٿي ويندا، ڪي اليڪٽرڪ جا واهپيدار بجلي جي نوَن اگهن کان آجا قرار   ڏنا ويا آهن، شهرين جو چوڻ آهي ته مهانگائي اڳ ئي ماري ڇڏيو آهي، حڪومت رليف بدران روزانو ڪنهن نه ڪنهن شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي ٿي، مهانگائي سبب پريشانين ۾ وٺجي ويا آهيون.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *