ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ٿي ته ماڻهن کي کنڀيو ويندو، ڪجهه ايم اين ايز کي نيب کڻي ويندو، اسلام آباد پوليس، ايف آءِ اي ۽ ٻيا ادارا ٻين ميمبرز کي کڻي ويندا، بي اعتمادي رٿ ڪيئن ڪامياب ٿيندي؟ اڳوڻي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهين کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، اها ترميم پاس ٿيڻ نه ڏينداسين، سينيٽ اليڪشن سان گڏ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليز ۾ به چونڊون شو آف هينڊز ذريعي ٿيڻ گهرجن، سينيٽ چونڊون شو آف هينڊز ذريعي ٿين، پوءِ خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪامياب ٿئي ٿو، اسپيڪر چورن جيان ايوان مان فرار ٿي ويندو ته پارليامينٽ جي ڪهڙي اهميت رهجي ويندي، اُهو وقت پري نه آهي جو ڪووِڊ جي ڀڇڪڙي تي حڪومتون ٽوڙيون وينديون،پي ڊي ايم اسٽيبلشمينٽ جي سپورٽ کانسواءِ هلي رهيو آهي.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *