ڪوئيٽا (رپورٽر) حڪومتي ڪيمٽي ۽ هزاري برادري وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي سربراهي ۾ وفاقي حڪومت جو وفد ڌرڻي واري هنڌ پهچي هزارا برادري سان ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي شهيد پورهيتن جي وارثن ۽ حڪومتي ڪميٽي ۾ ڳالهين بعد هزارا برادري پورهتين جي تدفين تي راضپو ڏيکاريو. شهيد پورهيتن جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير ۽ حڪومتي ڪميٽي سان ڳالهين بعد ڌرڻو ختم ڪري پنهنجن پيارن جا لاش دفن ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي وفاقي وزير علي زيدي، ذلفي بخاري ۽ ٻيا به شريڪ هئ