حيدرآباد ( رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٻيهر ڪڻڪ جو بحران، اٽو به مهانگو ٿي ويو، مارڪيٽ ۾ هڪ هفتي دوران ڪڻڪ جِي ٻوري 700 رپيا مهانگي ٿي وئي، هفتو اڳ اوپن مارڪيٽ ۾ 100 ڪلو وارِي ٻوري جو اگهه 4800 رپيا هو، جيڪا هاڻي 5 هزار 525 رپين جِي ٿي وئي، ڪڻڪ جو اگهه وڌڻ کانپوءِ اٽي جِي قيمت ۾ اضافو ٿي ويو. اٽَي جو 10 ڪلو وارو ٿيلهو 600 مان وڌي 650 رپيا ٿي ويو. شهري ڳڻتين ۾ وٺجي ويا، ضلعي انتظاميا پاران اسٽال لڳائي شهرين کي في ڪلو اٽو 42 رپين ۾ فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. چَڪِي مالڪن جو چوڻ آهي ته سنڌ مان ڪڻڪ ٻاهر منتقل ٿي رهي آهي، جنهن ڪري بحران سان گڏ اگهه به ٻيهر وڌي رهيا آهن، خوراڪ کاتو في چڪِي کي 300 ڪلو ڪڻڪ فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن بعد لاڳيتو چڪيون هلائڻ مشڪل بڻجي ويو آهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *