جي يو آءِ (ف) جَي امير ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستاني قوم رت جي آخري ڦُڙي تائين مظلوم فلسطينين سان گڏ رهندي ڪراچي ۾ “اسرائيل نامنظور” مارچ کي خطاب ڪندي  فضل الرحمان چيو ته  پاڪستان جا وفادار آهيون ته اسرائيل کي تسليم نه ڪنداسين، غدار آهيون ته تسليم ڪرڻو آهي، فلسطين جِي آزادي ۽ فلسطينن کي حق ملڻ تائين اسرائيل تي ڳالهه نٿي ٿي سگهي، جي يو آءِ (ف) امير  جو چوڻ هو ته مسجد اقصيٰ تان يهودين جي قبضي ڇڏائڻ تائين پاڪستان سميت دنيا جا مسلمان خاموشي سان نه ويهندا

هن چيو ته  حڪمرانن کي  ڪڏهن به اِن ڳالهه جي اجازت نه ڏينداسين ته هُو فلسطين ۽ فلسطيني سرزمين کي نظرانداز ڪري اسرائيل کي  تسليم ڪن، سندس چوڻ هو ته  1940 واري ٺهراءَ تحت پاڪستان جا وفادار بڻجي سگهون ٿا ته  پوءِ  اسان اِن ڳالهه تي به پابند آهيون ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو سوچي به نه ٿا سگهون

جي يو آءِ ف جي ميزباني هيٺ ٿيل “ اسرائيل نامنظور” مارچ ۾ ن ليگ جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي ۽ پي ڊي ايم جي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته جلسي کي بيت المقدس جي خطيب شيخ اقرنا صبري، حماس اڳواڻ اسماعيل هنيا ۽ ڊاڪٽر همام سيد ويڊيو لنڪ تي خطاب ڪيو….

 

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *