سلام آباد هڪ پاسي اليڪشن ڪميشن آڏو شامِ غريبان هئي ته ٻئي پاسي پيپلز پارٽي عمرڪوٽ ۾ جشن ملهائي رهي هئي، توهان سڀ بلاول سان سَڙو ٿا، پر آئون بلاول مان خوش آهيان: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جلد پاناما ٽو بڻجي ويندو، پي ڊي ايم جا سمورا مامرا مولانا فضل الرحمان جَي کاتي ۾ ايندا ۽ کيس نقصان ٿيندو، هي سياڻا ماڻهو آهن، مولانا سان پهرين به دوکو ٿيو، هاڻي به دوکو ٿيندو، مولانا فضل الرحمان مڙئي اشتعال ۾ آهي ۽ هو سڀ کان وڌيڪ خساري وارِي شخصيت هوندو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته نيب گهرو وزات جَي ماتحت نه آهي، نيب ۽ مراد علي شاهه پاڻ ۾ ڄاڻين، ايم ڪيو ايم سان سڄي زندگي سٺو واسطو رهيو آهي، وقت نه هجڻ سبب هن ڀيري متحده وارن ڏانهن نه ويندس………….