تحريڪ انصاف جي سينيٽر بئريسٽر علي ظفر کي گڏيل طور قانون ۽ انصاف جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي.

علي ظفر سينيٽ جي تازين چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر چونڊيو آهي، جڏهن ته ان ڪميٽي جو ملڪ ۾ قانون سازي جي حوالي سان اهم ڪردار رهيو آهي.

ان کانسواءِ سينيٽر منظور ڪاڪڙ کي سمنڊ پار پاڪستانين ۽ هيومن ريسورس ڊولپمينٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته سينيٽر راڻا اقبال احمد کي ڪيبينيٽ سيڪريٽريٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي.

فيصل جاويد انفارميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي، جڏهن ته محمد عبدالقادر پيٽروليم بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊي ويا آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *